اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار عالم صل?? الله عليه واله وسلم جي سيرت طيبه اسان جي لا??ِ بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيدميلاد النبي ﷺ جي مقدس موقعي تي ??اڪ??تاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي نه رڳو مسلمانن لا??ِ پر ٻنهي جهانن لا??ِ رحمت بڻائي موڪليو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي سيرت طب??ه اسان جي لا??ِ بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فض?? درود ۽ سلام جي نذرانن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي ??اڪ??تان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي تاقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين خالي ڪشميرين کي انهن جو حق ملي ۽ اتحاد امت ۽ اتحاد بين المسلمين لا??ِ به دعا ڪئي.