اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان ??ائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، پاڪستان ??يڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت سيليڪ??ن ويلي ۽ ايمزون جي ماهرن طرفان ??شاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام گهڻا بهترين اثرن پوندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن تباد ليب جي پاليسي ورڪنگ پيرز جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ٽيڪنيڪي شعبي ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قدمن جي سفارش ڪئي وئي، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ وسيلا تمام ضروري هندا آهن، ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان ??ڌيڪ ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن، ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي تربيت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هو مسلسل مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سميت ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ڇو ته اهو معلومات جو خزانو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال جيترو دير سان ??يندو ان سان ??لڪ جو نقصان ??يندو، پاڪستان ڪجهه وقت ضايع ڪيو آهي تنهن هوندي به هاڻي اسان به ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، آءِ ٽي جو شعبو سڄي دنيا ۾ تيزي سان تري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وڌ کان ??ڌ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
هن آن لائن تعليم کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته اهو گهٽ لاڳت جو منصوبو آهي ان سان ??وجوانن جي داخلا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران آن لائين طريقي سان خدمتون حاصل ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويا، هن چيو ته پاڪستان جا 30 هزار گريجوئيٽس مان 25 هزار ان ??اءِ بي روزگار رهندا آهن انهن جي تعليم مارڪيٽ جي ضرورتن سان ??ڪجهڙائي نٿي رکي، ص??ر چيو ته جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم ان کي پاڪستان ۾ هڪ لک آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر بدقسمتي سان ??لڪ ۾ ان ??عيار جا گريجوئيٽس موجود نه آهن، هن چيو ته آءِ ٽي گريجوئيٽس جي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ منتقل نه ٿيڻ گهرجي پر کين ملڪ ۾ رهي ڪمائڻ گهرجي ڇو ته انهن جي ٻاهرين ملڪ منتقلي سان ??لڪ انهن تي ڪيل سيڙپڪاري جو نقصان کڻندو.
ص??ر چيو ته هن اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٽرينرز کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪرڻ جو آئيڊيا ڏنو هو پر اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهيو، اها سڀ مجرماني غفلت آهي، هي ملڪ جي مستقبل سان جڙيل آهي. ص??ر چيو ته هو يونيورسٽن کي انساني وسيلن تي سيڙپڪاري جي بار بار تاڪيد ڪندو آهي ته جيئن اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ وڌ کان ??ڌ داخلا ڪري سگهجن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جديد وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪنهن اضافي ڪيمپس کانسواءِ پنهنجي داخلائن کي 40 هزار تائين وڌايو آهي. هن چيو ته حڪومت سيليڪ??ن ويلي ۽ ايمازون جي ماهرن جي نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام بهترين اثر پوندا. ص??ر چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امداد انهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سڌي سنئين منتقل ڪئي وڃي ته جيئن کين مالي آزادي ۽ پئسي تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿئي، ڊيٽا جي تحفظ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان کي ڪنهن به شيءَ کان ??ڌيڪ ترقي ڏئي سگهي ٿي ڇو ته نوجوان چار کان ??نج سالن ۾ اربين روپيا ڪمايا آهن جنهن کي روايتي ڪاروبار سان ڪمائڻ لاءِ نسلون گهربل آهن.