اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻ??ئڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ وره??ئڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان ??هو??ت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ سمورن وسيل?? کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري ??هو??تون نه رڳو اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبق?? کي صحت جون معياري ??هو??تون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزير?? کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي ??عياري ??هو??ت?? کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻ??ئڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??هو??ت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻ??ئڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.