اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته افغانست??ن جي معاملي تي ماضي جي غلطين مان سک??دي اڳتي وڌيو وڃي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان هڪ نئون بحر??ن جنم وٺي سگهي ٿو، طالبان سان رابطن ذريعي مخلوط ۽ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، دنيا افغانستان مان پناهگيرن جي هجرت ۽ ممڪن انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هو افغانست??ن جي صورتحال تي ڳالهائي رهيو هو. هن افغانست??ن جي مسئلي جو تاريخي پس منظر، آمريڪا سميت عالمي طاقتن جي ڪردار ۽ پاڪستان کي افغان تڪرار جي ڪري پهچندڙ نقصانن ۽ ??ن جي قربانين کي اجاگر ڪيو. هن چ??و ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ پڻ پاڪستان افغانست??ن جي مسئلي جي حل لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون پر افغانستان ۾ ڊگهي جنگ ۽ بدامني ۽ پناهگيرن جي اچڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي نه رڳو اڪيلو ڇڏيو ويو پر بعد ۾ پابنديون پڻ هنيون ويون. هن چ??و ته افغانستان مڪمل تباهي جو شڪار هو جن حالتن ۾ طالبان سامهون آيا. معيد يوسف چيو ته ماضي ۾ عالمي طاقتن پاران پاڪستان ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ هڪ تمام وڏي غلطي هئي جنهن جي ڪري افغانستان ۾ خال پيدا ٿيو جنهن کي ڀرڻ جي لاءِ القاعده جهڙين ت??ظيمن جڳهه ٺاهي. هن چ??و ته نائن اليون کانپوءِ پڻ پاڪست??ن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي حملي کانپوءِ پناهگيرن جو دٻاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ت?? آيو، پاڪست??ن جي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا جڏهن ت?? ان دور??ن جڏهن پاڪستان کي اوله??دي سرحد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي اوڀر سرحد تي ڀارت به پنهنجي چرپر وڌائي ڇڏي جنهن جي ڪري پاڪستان کي هڪ ئي وقت اوله??دي ۽ اوڀر??دي سرحدن ت?? مصروف ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڀارت جي ڪردار کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن مصنوعي بحران ڇو پيدا ڪيو. هن چ??و ته آمريڪا ۽ يورپ دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پاڪست??ن جي قربانين کان آگاهه آهن. هن چ??و ته 50 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان اچڻ سان گڏ عسڪريت پسندن ۽ جنگجوئن پڻ پنهنجو رستو ٺاهيو ۽ پاڪستان هڪ اهڙي جنگ جو حصو بڻجي ويو جنهن سان ??ن جو ڪو واسطو نه هو، ??ن جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني ۽ ??ن جي معيشت کي 152 ارب ڊالر جي نقصان کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ ايتري وڏي قيمت ادا ناهي ڪئي، سڄي ملڪ ۾ هزارين فوجي آپريشنز ڪيا ويا. معيد يوسف چيو ته پاڪستان کي 20 سالن کان سرحد پار کان دهشتگردي جو مسئلو درپيش آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان افعان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي پر آمريڪا دلچسپي نه ورتي ۽ افغانستان پاران ??ن جي مخالفت ڪئي وئي، اسان باضابطا ويزا نظام جي ڳالهه ڪندا رهياسين پر ان وقت جي افغان حڪومت پاران مخالفت ڪئي وي??دي رهي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسئلن جي حل ۾ ڪير سنجيده آهي ۽ ڪير نه. هن چ??و ته دنيا جي لاءِ آسان آپشن آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جون غلطيون ورجايون ويون ت?? انهن پاليسين جا نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، اسان کي گهرجي ته پنهنجي ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪريون ۽ بهتر مستقبل طرف وڌون. معيد يوسف چيو ته اسان دنيا کي چئي رهيا آهيون ت?? هڪ عام افغ??ن جي لاءِ افغانستان سان رابطا رکي، افغانستان ۾ هڪ مخلوط حڪومت، افغانست??ن جي صورتحال جي ڏس ۾ انساني حقن جو احترام، بحران کان بچڻ جي لاءِ گورننس ۽ معاشي سپورٽ ۽ عالمي سطح تي معاشي منصوباب??دي هجڻ گهرجي. هن چ??و ته هي موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته طالبان پاران صحيح وقت تي صحيح بيان سامهون آيو آهي، اهي قانوني جواز چاهين ٿا، ان لاءِ اس??ن جي خيال ۾ هي موقعو آهي ته انهن سان رابطا قائم ڪيا وڃن، اميد آهي انهن رابطن سان ضرور ڪو امڪان پيدا ٿيندو. هن چ??و ته عالمي برادري ۾ هر ڪو اهو چئي رهيو آهي ته پناهگيرن جي آمد جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي پر ڇا دنيا افغانست??ن جي مقروض نه آهي ته ان ملڪ ۾ انساني بحران ۽ پناهگيرن جي آمد کي روڪي سگهجي، اسان افغانين سان گڏجي ان بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڇو نه ڪري رهيا آهيون ت?? جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ت?? صورتحال ضابطي کان ٻاهر نه وڃي. هن افغانستان مان نڪرڻ جي حوالي سان چ??و ته جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ته ??ن جو نتيجو اتي سيڪيورٽي خال جي صورت ۾ سامهون ايندو ۽ عالمي دهشتگردن کي اتي پهچڻ جو موقعو ملندو، جيڪڏهن گورننس جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته معيشت به بحر??ن جو شڪار ٿيندي، ان صورتحال ۾ ممڪن آهي ته نئين جنگ ڇڙي وڃي ۽ غيرقانوني معيشت وجود ۾ اچي جنهن جي نتيجي ۾ يقينن انساني بحران پيدا ٿيندو. هن چ??و ته طالبان سان رابطا قائم ڪري هڪ مخلوط نظام قائم ڪرڻ جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح هڪ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ هڪ نئين انساني بحران کان بچي سگهجي ٿو.