اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري اعتما?? جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪن?? جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي ??هي. اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعتما?? جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020ع جي منفي 50 سيڪڙو مان بهت?? ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020ع جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو ??هي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو ??هي.