اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيد??ري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪري ٿو، قطري سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ??هي. هو قطر جي هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن شيخ ??لي عبدالله ثاني الثاني جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.