اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمان?? کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عد??لت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيا آهن، توهين عد??لت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پا??اما فيصلي تي مو?? کي ڇو ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتي?? کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عد??لت هاڻي طلب ڪري رهي آهي، ڇا عد??لت جو حڪم نه مڃڻ توهين عد??لت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شهباز شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جون به سفارشون آهن، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊر??گ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.