اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 144 فوتگيو?? ٿيون جنهن مان 57 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جو?? ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 870 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ??ووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 65 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ??ورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 76 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 71 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 70 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 818 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 659، پنجاب ۾ 26 هزار 91، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 729، اسلام آباد ۾ 4 هزار 713، بلوچستان ۾ 1 هزار 135، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 1100 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 82 هزار 290 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ??وويڊ 19 جا 562 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزا?? 976 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 آهي.