اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد س??ير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر ??يو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، صدر ??يو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد س??ير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.