لاهور ??? 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان ??ي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان ??ي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زي??ون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زي??ون جي ٻيلن سان ??اموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان ??ي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪوم??ون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ??لڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران ??ان ??هڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، ??ارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان ??ا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، ??يبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران ??ان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان ??لودگي ۾ گهٽتائي ايندي.