اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ج?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻ?? چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مث??لي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هن م??اقات دوران ٻطرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن جي حوالي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ ج?? چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مث??لي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري، ڊگهي تعاون جي لاءِ اهم آهي، ٻئي ملڪ ان عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، سينيٽ ج?? چيئرمين نيپالي سفير کي ڀارتي فوج هٿان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.