اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ??ن جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اس??ن جي خلاف برپا ??ن جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بالاڪ??ٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪي??ن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا و?? ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.