غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين ڀلي ان جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان ??صيبت جي هن گهڙيءَ ۾ توهان ??ٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، توهان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي افسوس آهي، ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي، برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان ??وري پاڪستان ۾ جيڪا تباهي آئي اهي ان جو مٿال نه ٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف هڪ تباهي متل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي آهي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ هزار کان ??ڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئ?? مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي جڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، الله پاڪ ان ??ارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، اهو حڪم الاهي آهي ان جي اڳيان ڪنهن جي نه ٿي هلي، الله پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ??وڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏکن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوضو ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو به ڏينداسين، اين ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان ??داوو ڪنداسين، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، منهنجي جان ??ا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به توهان جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏينداسين، هي هڪ جهاد آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي. هن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان ??ڪ وفد آيو، ان سان ??لاقات ٿي، اهي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، انهن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي آهي، اهڙي طرح گڏيل عر?? امارات کان به امداد ملي رهي آهي، چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان ??ه ويهنداسين ۽ نه ئي سياست ڪنداسين، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ??يهر انهن کي دعوت ڏينداسين، اهي ايندا ته اسان کي خوشي ٿيندي، اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، هي قوم کي سياست کان ??ٿانهون ان صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان ??هتو آهي، انهن جي لاءِ 25 هزار رپيا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گهرن جو معاوضو ان کانسواءِ آهي، وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ته اهي صبر سان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪندي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان کان ??ڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم آهي، انبياءَ جا پيارا به انهن کان ??ڇڙي ويا، هن خاندان کي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آهي. هن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلان ڪيو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم ان ڳوٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. ان ??وقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، امجد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.