اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غيراستعمال ٿيل اربين روپين جي ملڪيتن کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حا??ل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪولن، ??اليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪ??ڻ موجوده حڪومت جي پاليسي جو اهم جز آهي. هن چيو ته اربين روپين جي ملڪيتن جي باوجود وفاقي حڪوم?? جا مختلف ادارا اربين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن وڏين قيمتن وارين ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار م??تلف وزارتن ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.