اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏه?? ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج ر??نا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين ??نڊ?? محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي ??نڊ?? ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون ??نڊ?? ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان ??نڊ?? جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.