اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ڪش??ير ڪاز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ يو??پ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پرڏيهي دورن جي ڪاميابي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي ترقي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.