اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سمورا اهل وطن ۽ مسلمان امت مفڪر اسلام ۽ عظيم فلسفي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان کي اقبال جي تعليم کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به سوچڻ گهرجي ته هن جيڪا ڪاميابي جي راهه اسان کي ڏيکاري ان تي اسان ڪيترو عمل ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي 144 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي پنهنجي پي??ام ۾ ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ڏينهن جي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان ??ه وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين. هن چيو ته علامه اقبال جي پي??ام ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي. مملڪتي وزير چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال کي ننڍي کنڊ جي مسل??ان?? جي لاءِ جدا ملڪ جو تصور پيش ڪرڻ تي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبيب چيو ته علامه اقبال جي فر??ان?? سان اسان کي اسلام جو هقيقي پي??ام سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مسل??ان?? جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي، انهي جي ڪري اسان اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ سڪون جو ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آزادي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، آزادي جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ڪڏهن ??ه وساري نه ٿيون سگهجن. مملڪتي وزير چيو ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسل??ان?? کي هڪ اهڙي وقت ۾ رستو ڏيکاريو جڏهن اهي منزل جو نشانو وڃائي چڪا هئا، علامه جي فڪر ۽ سوچ اميد جو اهڙو ڏيئو روشن ڪيو جنهن نه رڳو منزل پر رستي جي به نشاندهي ڪئي.