اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آهي، پي اي?? اي?? اي?? جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران خان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي ??رب?? کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته مولانا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏ??ي مولانا فضل الرحمان سان سان ڪيو آهي. مولانا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏ??ي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.