اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ ق??مت هائوسنگ منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿارٽي تحت گهٽ ق??مت هائوسنگ جي جا??ي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جا??ي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪئي.