اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته علاج سان گڏوگڏ بيمارين کي روڪڻ ۽ انهن کان بچاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آه??، ان ح??الي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آه??، ماڻهن کي بيمارين کان بچڻ جي حوالي سان وڌ کان وڌ آگاهي ڏيڻ سان صحت ۾ بهتري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروس اڪيڊمي ۾ 11 هين سالياني پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري ??وش??ن حامد، يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ هيلٿ سروس اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي به خطاب ڪيو. صدر صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري کان بچاءُ ماڻهن ۾ احتياط ۽ پرهيز جهڙن روين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان جو نظام بيمارين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تيار ڪندو آه?? جڏهن ته علاج کانسواءِ بيماري کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ احتياط جي به وڏي اهميت آه??. ان ح??الي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون بدلائڻ جي ضرورت آه??، هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ صحت جي اصولن کي اخيتار ڪري بيمارين کان وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو. اسان جو مذهب اسلام پاڪيزگي ۽ طهارت اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آه?? جيڪو صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آه??، صدر چيو ته طب جي شعبي وڏي ترقي ڪئي آه?? ۽ وڏين وڏين بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آه?? پر گڏوگڏ نيون بيماريون به جنم وٺي رهيون آه?? جنهن کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ شعور ??يد?? ڪرڻ جي ضرورت آه??، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ٻارن جي ??يد??ئش ۾ مناسب وقفي، نون ڄاول ٻا??ن کي لازمي ماءُ جو کير پيارڻ ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جهڙي صحت جي موضوعن تي عام ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري ان ح??الي سان آگاهي جي کوٽ آه?? ۽ ان سان صحت جا سنگين مسئلا ??يد?? ٿي رهيا آه?? ان طرف به مناسب ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. صدر هيلٿ سروس اڪيڊمي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ان جا معاشري تي اثر نظر اچڻ گهرجن، ان کان اڳ هيلٿ سروس اڪيدمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي صدر پاران هيلٿ سروس اڪيڊمي جي اعليٰ ترين سطح تي سرپرستي فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن هيلٿ سروس اڪيڊمي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.