اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) احسان الحق چيو آهي ته آمريڪا نائن اليون کانپوءِ پا??ستان ۽ سعودي عرب جو مشورو مڃي ها ته افغانستان ۾ ڊگهي ۽ مهانگي جنگ کان بچي وڃي ها. هن اها ڳالهه عرب نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ چئي. جنرل (ر) احسان الح?? کي آمريڪا ۾ حملن جي ڪجهه ئي هفتن کانپوءِ آڪٽوبر 2001ع ۾ آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ هو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي عهدي تي ??ه رهيو. عرب نيوز جي رپورٽ مطابق نومبر 2001ع ۾ نيٽو فورسز جي افغانستان ۾ داخل ٿيڻ جي فوري بعد پا??ستان سعودي عرب جي معاونت سان سفارتي ڪوششون شروع ڪيون جن جو مقصد خطي کي عدم ۽ استحڪام کان بچائڻو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته جنرل (ر) احسان الحق ان سلسلي ۾ ??اش??گٽن جو دؤرو ڪيو ۽ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي نالي صدر پرويز مشرف طرفان چئن صفحن تي ٻَڌل خط سندس حوالي ڪيو جنهن ۾ افغان مسئلي جي حل لاءِ ان طالبان اڳواڻن سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جيڪي القاعده خلاف ڪارروائيءَ ۾ تعاون لاءِ تيار هئا. جنرل (ر) احسان الحق چيو ته هي پا??ستان ۽ سعودي عرب جو گڏيل قدم هو. هن ٻُڌايو ته م??ن شهزاده سعود الفيصل مرحوم سان سفر ڪيو ۽ اسان آمريڪي صدر ۽ پرڏيهي وزير، سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين آمريڪي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين مشورو ڏنو ته افغانستان ۾ مداخلت گڏيل قومن ذريعي هئڻ گهرجي. عرب نيوز هڪ آمريڪي صحافي اسٽيوڪول جي 2018ع جي ڪتاب ڊائريڪٽوريٽ ايس: سي آءِ اينڊ آمريڪن سيڪرٽ وارز ان افغانستان اينڊ پا??ستان جو حوالو ڏيندي چيو ته برطانيه جي ان وقت جي وزيراعظم ٽوني بليئر مبينه طور پا??ستان ۽ سعودي عرب جي ان تجويز جي حمايت ڪئي ۽ جنرل مشرف جا خدشا آمريڪي صدر تائين پهچائڻ تي ??مادگي جو اظهار ڪيو. اسٽيوڪول 7 نومبر تي ٽوني بليئر ??اش??گٽن پهتو پر جڏهن ان جي فوري بعد جنرل (ر) احسان الحق ۽ سعودي شهزادو سعود اتي پهتا ته ٽوني بليئر خراب خبر ٻُڌائي. جيستائين بش انتظاميه جو تعلق هو ته ڳالهين ٻولهين جي ڪا اميد نه رهي. هي جنگ طالبان جي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا انهن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهڻي هئي. پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته 20 سال اڳ ان موقعي کي ضايع ڪيو ويو جيڪڏهن آمريڪا پا??ستان ۽ سعودي عرب جي تجويزن کي مڃي وٺي ها ته جنگ کان بچي سگهجي ها.