اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجن سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت سان ليس نوجوانن جي ضرورت آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي ?? نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي اسڪ??ز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي سينٽر فار آرٽ??في??ل انٽيليجنس جي اهتمام هيٺ آرٽ??في??ل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جي پڄاڻ?? واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تحقيق مان ڀرپور فائدو کڻندڙ قومون ئي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري سگهن ٿيون، اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي معلومات جو صحيح ۽ وقت سر استعمال ۽ شين جي اڳواٽ سڃاڻپ ۾ آهي. صدر ٽيڪنالاجي ايڪسپو ۽ اسٽارٽ اپ چلينج ۾ پاڪستاني محققن ۽ شا??رد?? جي مصنوعي ذهانت تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته انهن مصنوعات ۾ اسان جي معاشري ۽ صنعت کي درپيش چئلينجز جو جديد طريقن سان احاطو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، ان صنعت تي ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي جو روانگ?? واپار 2.12 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي اسڪ??ز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر چيو ته آرٽ??في??ل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جهڙا قدم ملڪ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙن ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽ??في??ل انٽيليجنس، سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ ۽ ڊيٽا ايناليسز کي ترقي ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر آرٽ??في??ل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع ۾ شا??رد??، محققن کي ساراهيو ۽ ايڪسپو ۾ انعام ۽ اعزاز ڏيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته کيس يقين آهي ته اهڙي طرح جي پروگرامن ۽ قدمن سان نسٽ جو سينٽر فار آرٽ??في??ل انٽيلجنس ملڪ جي مصنوعي ذهانت جي ترويج جي حوالي سان اولين سينٽر جو اعزاز حاصل ڪندو. صدر چيو ته کيس يقين آهي ته سينٽر علم تي ٻڌل معيشت جوڙڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪندو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي بنياد تي مستقبل ۾ تمام وڏيون تبديليون اچڻ جو امڪان آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا نوجوان ان ۾ مهارت ۽ تجربو حاصل ڪري ملڪ جي خدمت ڪن ڇو ته ٽيڪنالاجي جو انساني زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجز سان ڀرپور آهي، اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.