فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪست??ن سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اس??ن سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چ??و ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان جي وڻڪاري مهم کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.