اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ ??بس??رپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ ??بس??رپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سان ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ ??بس??رپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ??بس??رپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيبل آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل ??اڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد وزير اعواڻ، حس?? ابدال مان راجا عامر، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خ??ان??ي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.